RSS

Stories/Articles

 

 

 

قدرتي آفتون، تباهي جو ذميوار ڪير
منيش ڪمار
گذريل سال، سنڌو درياهه ۾ آيل چاڙهه کان پوءِ 8 آگسٽ تي ٽوڙي بند ٽٽڻ توڙي مختلف واهن ۽ ڪئنالن کي گهارا پوڻ ۽ بندن تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ درياهه جي ساڄي پاسي جيڪا ٻوڏ آئي، تنهن لکين انسانن کي دربدر ڪري ڇڏيو، ان سانحي جي ياد اڃان تائين ماڻهن جي ذهنن مان نڪتي ئي نه هئي ته هن سال سانوڻي جي برساتن وري کاٻي پاسي، خاص طور تي ڏاکڻي پٽي وارن ضلعن، بدين، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ سميت عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، گذريل ٻوڏ ۾ ڏيڍ ڪروڙ کن انساني آبادي متاثر ٿي هئي، هيلوڪي برساتن ۾ اهو تعداد 50 لک ٻڌايو ٿو وڃي، پر نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) مطابق هن ڀيري نقصان جو ڪاٿو گذريل ٻوڏ جي ڀيٽ ۾ انتهائي وڌيڪ آهي، اين ڊي ايم اي جي انگن اکرن مطابق تازين برساتن ۾ 53 لک انساني آبادي متاثر ٿيڻ کان سواءِ 57 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين (جنهن ۾ 17 لک ايڪڙن کان مٿي زمين آبادي واري ٻڌائي وڃي ٿي) تباهه ٿي ويئي آهي، هڪ لک کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آهي، هزارن تعداد ۾ گهر ڊهي ويا آهن، روڊن، رستن سميت سمورو انفرا اسٽڪچر به تباهه ٿي ويو آهي.
ٻوڏ جي تباهي کان برساتي آفتن تائين، جيڪڏهن لوڙهيو ۽ ڀوڳيو آهي ته صرف عوام، گذريل ٻوڏ جا ستايل ماڻهو اڃان تائين در در ڀٽڪي رهيا آهن سندن گهر، زمينون، فصل ۽ ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن. چڱا خاصا، ماني مڇي وارا ماڻهو اڃان تائين وطن ڪارڊ جي آسري آفيسن جا ڌڪا کائي رهيا آهن. ته برساتن وري بچيل ماڻهن جو سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيو آهي سوين ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويا آهن لکين انسان برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، انهن جي بچاءُ ۽ سندن محفوظ هنڌن تائين منتقلي لاءِ حڪومت پنهنجي وس آهر انتظام ڪري رهي آهي، پر اهي سڀ ڪافي ناهن اين ڊي ايم اي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ماڻهو کي خوراڪ ۽ شيلٽر وغيره جي فراهمي سوڌو ٻيون امدادي سرگرميون حڪومت جي وس ۾ نه آهن ان ڪري عالمي برادري کان مدد طلب ڪئي ويندي … سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هر سال ايندڙ تباهين ۽ ان جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ هيڏي وڏي خطرناڪ صورتحال ۽ انساني الميي جو ذميوار آخر ڪير آهي؟ هتي پاڻ ان نقطي تي بحث ڪري نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
1. آفتون ڇو ٿيون اچن؟
گذريل سال اڌ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جو ڪارڻ ڪو درياهه ۾ آيل وڏي پئماني تي چاڙهه نه هو، پر ان جو ڪارڻ درياهه توڙي ڪئنالن جي بندن جي ڪمزور حالي هئي، ڪيتري ئي عرصي کان انهن جي مرمت نه ٿي هئي، نتيجي ۾ درياهه ۾ جڏهن چاڙهه آيو ته ڪمزور بند پاڻي جي سٽ سهي نه سگهيا ۽ هنڌان هنڌان ٽٽي پيا جنهن جي نتيجي ۾ لکين انسانن کي انتهائي ڏکئي وقت مان گذرڻو پيو، جڏهن ته حاليه برساتن ۾ __ توڙي جو ڳچ عرصي کان اهڙيون برساتون نه پيون آهن، ميڊيائي خبرن مطابق برساتن هيلوڪين برساتن هڪ صدي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي __ ٿيل تباهي جو ڪارڻ به ايريگيشن ۽ ڊرينيج سسٽم ناڪارا هئڻ، غير قانوني، حد دخليون قائم ڪري، برساتي پاڻي جا فطري لنگهه بند ڪرڻ وغيره آهي، مثال طور: لاڙ ۾ ٿيندڙ تباهي جو سبب ايل بي او ڊي ۽ ٻين سم نالن ۽ واهن جا بند ٽٽڻ ٻڌايو پيو وڃي، ايل بي او ڊي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي گنجائش چار هزار ڪيوسڪ رکي ويئي آهي پر هن وقت ان ۾ ارڙهن کان ويهه هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي جيڪو ان جي گنجائش کان پنجوڻ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته سم نالن ۽ واهن جا بند ڊگهي عرصي کان ڪمزور حالتن ۾ پيل هئا انهن جي مرمت نه ڪرائي وئي هئي، اهڙي صورتحال ۾ انهن کي مختلف هنڌن تان گهارا پئجي ويا، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو الهيار جي به ساڳئي صورتحال آهي، نتيجي ۾ هيڏي وڏي انساني آبادي متاثر ٿي آهي.
2. حڪومتي اُپاءَ
ايريگيشن سسٽم کي هلائڻ لاءِ حڪومت طرفان هڪ کاتو جوڙيل آهي، بندن جي مرمت، واهن جي کاٽي وغيره جي ذميواري ان تي رکيل آهي، ان سلسلي ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ به رکي وڃي ٿي، پر اهو پئسو ڪٿي به خرچ ٿيندي نظر نه ٿو اچي، گذريل ٻوڏ بابت اسان کي ٻن مهينن کان به وڌيڪ عرصو ڄاڻ هئي پر پوءِ به ڪجهه نه ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي جج سربراهي ۾ جوڙيل فلڊ ڪميشن به گذريل ٻوڏ جو ذميوار آبپاشي کاتي کي قرار ڏنو آهي، ان کان سواءِ پاڻي جا فطري لنگهه، جيڪي زبردستي حد دخلين ڪري بند ڪيا ويا، اهي به خالي نه ڪرايا ويا مطلب ته گذريل سال هيڏي تباهي کي منهن ڏيڻ کان پوءِ به اختيارين ڪو سبق ناهي پرايو.
3. عوام جون ذميواريون ۽ ڪوتاهيون
قدرتي آفتن ۾ سڀ کان وڌيڪ عوام ئي ڀوڳي ٿو، ان ڪري  ماڻهن تي به ذميواري ٿئي ٿي ته اهي انوائرنمينٽ دوست ماحول بنائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺن، فرض ڪريو: واهن جي ڪپرن تان وڻن جي واڍي، بند ٽوڙي، مٽي کڻڻ درياهه جي پيٽ يا پاڻي جي فطري لنگهه تي غير قانوني حد دخليون قائم ڪري پنهنجا عارضي مفاد حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري عام ماڻهو ئي ملوث هجي ٿو ته انهن کي اهو سوچڻ گهرجي ته سندن اهو عمل پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙو هڻڻ برابر آهي، ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ جڏهن برساتون يا درياهه جڏهن چاڙهه اچي ٿو ته اسان کي وڏي تباهي کي منهن ڏيڻ پوي ٿو ۽ لکين معصوم ماڻهن کي دربدر ٿيڻو پوي ٿو.
4. ڇا ٿيڻ گهرجي؟
گذريل ٻوڏ ۽ تازي برساتن ۾ آيل تباهي اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته وڌيڪ انتظار ڪرڻ بدران پنهنجا وسيلا استعمال ڪري، پوري سنڌ ۾ درياهه ۽ واهن جي بندن جي بهتر نموني مرمت ڪرائي وڃي، واهن جا بند ٽوڙڻ يا انهن تان وڻن جي واڍي ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، واهن جي کاٽي ڪرائي ڊرينيج سسٽم کي بحال بڻايو وڃي، پاڻي جا فطري لنگهه کوليا وڃن، مستقبل ۾ به اهڙين برساتن ۽ درياهه ۾ چاڙهه جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ان ڪري هٿ تي هٿ رکي ڪري ويهڻ بدران اهڙين تباهين ۽ آفتن جا اصل ڪارڻ ختم ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙين آفتن کان بچي سگهجي

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

 
%d bloggers like this: