نئين مڪاني نظام جو نيٺ ڇا ٿيندو؟

ن                               منيش ڪمار
پ پ جي چونڊيل عوامي حڪومت پاران سنڌ ۾ نئون مڪاني نظام سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ  آرڊيننس 2012ع (SPLGO) لاڳو ڪيو، جيڪو خيرن سان هاڻ ته قانون جو به حصو ٿي چڪو آهي. ان قانون موجب سنڌ ۾ هڪ بدران ٻه نظام لاڳو ڪيا ويا آهن، هڪ طرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور کي ڌار انتظامي يونٽ (Metropolitan) ٺاهيو ويو آهي (شهيد بينظير آباد کي به ميٽروپوليٽن سٽي جو درجو ڏيڻ جو ڳالهيون هلن پيون) جنهن تحت ڪيترائي اختيار ميئرز کي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته باقي سنڌ ۾ ڌار نظام آهي. جنهن ۾ ضلعي ڪائونسلز جا چيئرمين مقرر ڪيا ويندا، پر ميئرز ۽ انهن جي اختيارن ۾ بنهه گهڻو فرق آهي، اهڙي ٻٽي نظام خلاف سنڌ ۾ زبردست تحريڪ اڀري جيڪا ساڳئي طاقت سان نه ئي سهي پر اڃا به هلندڙ آهي، جنهن ۾ نه رڳو قومپرست پر ٻيون سياسي توڙي مذهبي جماعتون ۽ عوام کان ويندي سول سوسائٽي جا نمائندا، شاعر. اديب ۽ دانشور به هڪ آواز ٿي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ ان کي سنڌ دشمن عمل ۽ سنڌ جي وجود کي ورهائڻ جي سازش قرار ڏئي رهيا آهن، ڏسڻو اهو آهي ته واقعي اهو نظام جيڪو پ پ طرفان سنڌ ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي، سنڌ لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار.
مڪاني نظام واري بل ۾ ڇا آهي؟
ان ڳالهه تي تمام گهڻو لکجي چڪو آهي، ڪافي بحث مباحثا به ٿيا آهن، ميڊيا ۾ رپورٽون به شايع ٿيون آهن، انهن ميڊيا رپورٽن موجب مشرف واري آندل مڪاني نظام کان به هي نظام مڪاني حڪومتن يا ان جي ميئرز کي وڌيڪ اختيار ڏئي ٿو، عام طور تي مڪاني حڪومت جي اختيار ۾ صفائي، بنيادي صحت ۽ تعليم وغيره اچي ٿا وڃن، ماضي ۾ جڏهن پرويز مشرف ناظمي نظام لاڳو ڪيو هو ته ٻين سان گڏ پ پ به ان کي رياست اندر رياست ٺاهڻ جي برابر قرار ڏنو هو، هن ڀيري پ پ جي حڪومت ئي SPLGO جهڙو نظام لاڳو ڪري صوبي جي 43 اختيارن/ ادارن منجهان 40 ميئر يا چيئرمين کي ڏنا آهن. واضح رهي ته 18 هين آئيني ترميم ۾ جيڪي کاتا مڪمل طور تي صوبائي حڪومت جي ماتحت ڪيا ويا آهن، جن ۾ مڪاني ادارن وارو کاتو به شامل آهي، انهن تان صوبائي حڪومتن جا اختيار کسي مڪاني حڪومتن حوالي ڪرڻ به آئين سان کليل نموني ٽڪراءُ آهي، جڏهن ته مڪاني ادارن جي آڊٽ جو اختيار به وفاقي آڊيٽر کي آهي، جيڪو پڻ آئين جي خلاف آهي. ان حوالي سان به بل کي تڪراري چيو پيو وڃي.
قومپرستن ۽ مخالف ڌر
نئين مڪاني نظام خلاف سنڌ ۾ قومپرست توڙي مخالف ڌرين جو اڃا تائين احتجاج جاري آهي، اهڙي احتجاج ۾ انهن جي 2 ڪارڪنن جون حياتيون به ضايع ٿيون آهن، ڪيترن ئي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، گرفتاريون به ٿيون آهن، پر انهن جو احتجاج بند ناهي ٿيو، قومپرستن جو اهو چوڻ آهي ته عوام جي ووٽن تي چونڊيل پ پ جي حڪومت اتحادين جي چوڻ (يا دٻاءُ) تي اهڙو نظام آڻي پنهنجا ئي اختيار مڪاني حڪومتن کي ڏنا آهن ۽ هڪ سنڌ ۾ ٻه نظام لاڳو ڪيا آهن، جيڪا اصل ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي سازش آهي، اهڙي نظام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ف ليگ به اهڙي نظام تحت حڪومتي اتحاد مان ڌار ٿي وئي، ان سان لاڳاپيل وزيرن به استعيفائون ڏئي ڇڏيون، انهن سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن بئنچن تي ويهڻ لاءِ درخواستون به ڏنيون آهن، جيڪي اڃا تائين اسپيڪر منظور نه ڪيون آهن. نواز ليگ سوڌو مذهبي جماعتون به ان نظام کي رد ڪن ٿيون، انهن جو به اهو ئي موقف آهي ته هي بل سنڌ جي ورهاڱي جي سازش آهي، جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين.
اڻ ڌريا ماڻهو ۽ انهن جي راءِ
سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ان نظام خلاف نه صرف سياسي ڌرين پر سنڌ جي ساڃاهه رکندڙ دانشورن، ليکڪن، شاعرن، استادن، صحافين ۽ فنڪارن به ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، پر حڪومت ان کي به پ پ مخالف سرگرمي قرار ڏئي ٿي، مٿي ڄاڻايل طبقو ڪنهن به معاشري ۾ ڪنهن سياسي پارٽي يا ڌر جي ننڍڙن مفادن، جذباتي وابسطگي جي ڪري جيئن جو تيئن حمايت نه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو معاشري جو ڪو عام نه پر خاص طبقو آهي، جنهن جي هر عمل تي گهري نظر رکي ويندي آهي، ان ڪري سنڌ جي انهي طبقي به انهي نظام کي نه رڳو پنهنجي لکڻين، تقريرن ۽ ليڪچرن ۾ ننديو آهي پر روڊن تي نڪري ان جي مخالفت ڪئي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيل احتجاج ۽ انساني زنجير ٺاهڻ ان جو ثبوت آهن، حيدرآباد ۾ هڪ دانشور ڪانگريس به ڪرائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي انتهائي هاڪاري دانشورن، ليکڪن، شاعرن، استادن، صحافين شرڪت ڪري ان نظام کي رد ڪيو.
پ پ حڪومت جو موقف
پ پ حڪومت کي ڪرڻ تي ايئن گهربو هو ته اهڙو بل آڻڻ کان اڳ پنهنجي اتحادين توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي بحث ڪرائي ها، جنهن کانپوءِ اتفاق راءِ سان ان بل کي قانون جو حصو بڻايو وڃي ها، پر ان جي ابتڙ پ پ حڪومت بنا ڪنهن مشاورت ۽ صلاح مشوري جي، پنهنجي اتحادي (ايم ڪيو ايم، ان ۾ ف ليگ ۽ اي اين پي کي شامل نه ڪيو ويو) سان گڏجي بل ٺاهي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج باوجود پاس ڪرائي ورتو، پ پ حڪومت جي اهڙي رويي تي نه صرف نظرانداز ڪيل اتحادين، مخالف ڌر ۽ قومپرستن پر عوامي سطح تي به هڪ ڪاوڙ جي لهر اڀري آئي، جيڪا احتجاج ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. پ پ جا وزير ۽ اڳواڻ انهن سڀني ڳالهين کي نظرانداز ڪندي اهڙي عمل (مڪاني ادارن جو بل پاس ڪرائڻ وارو) کي پ پ جي تاريخي ڪاميابي ڪوٺي رهيا آهن، هنن اهڙو بل پاس ڪرائڻ جي خوشي ۾ حيدرآباد ۾ جلسو به ڪرايو، جتي پ پ طرفان ان جلسي ۾ مڪاني ادارن واري آندل نئين قانون جي سٺائين کي کولي عوام آڏو بيان ڪرڻ گهرجي ها پر ٿيو صرف اهو جو ان جلسي کي صرف احتجاج ڪندڙن لاءِ هڪ “طاقت جو مظاهرو” ۾ تبديل ڪري احتجاج ڪندڙن جي ڪردار ۽ انهن جي ٻين ڳالهين تي ڳالهايو ويو، ان ڪري عوام کي اڃا اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته جيڪڏهن قومپرستن جي مخالفت صرف پروپئگينڊا آهي ۽ اهي ان نظام مان هروڀرو اوڻايو ڪڍي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ته پوءِ پ پ اڃا خاموش ڇو آهي، ڇو نه ان تي ان آرڊيننس ۾ شامل سنڌ دوست ڳالهين کي عوام جي آڏو آڻڻ گهرجي؟ عوام اڃا ان ڳالهه تي حيران آهي ته جيڪڏهن بل واقعي خراب ڪونهي ته سٺو ڇا آهي؟
نيٺ ڇا ڪجي؟
عوامي مينڊيٽ وٺي آيل پ پ حڪومت کي اهو گهربو هو ته هيڏي وڏي عوامي ردعمل کانپوءِ اهو نظام واپس وٺڻ گهرجي ها، نه ته احتجاج ڪندڙ ڌرين سان ڳالهيون ڪري ان ۾ ڪي تبديليون ضرور آڻڻ گهرجن ها، پر اهو جيئن جو تيئن رهيو، لڳي ايئن ٿو ته پ پ حڪومت هن ڀيري اتحادي ايم ڪيو ايم وٽ صفا مجبور بڻيل هئي، نه ته اڳئين ڀيري اهڙو نظام آڻڻ کانپوءِ عوامي ردعمل تي هڪ ئي ڏينهن اندر اهو نظام واپس ورتو ويو هو، پر هاڻ ان مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. جڏهن هڪ نظام، پوءِ اهو تڪراري هجي يا غيرتڪراري، صوبي جي قانون حصو بڻجي ويو آهي ته ان کان بچڻ يا جان ڇڏائڻ جو اسان وٽ صرف 2 طريقا وڃي بچيا آهن، هڪ اهو ته سڌي ريت اهو ته ٻيهر قانوسازي ڪري ان قانون کي وري پنهنجي (سنڌ جي) فائدي وارو بڻائجي، ان حوالي سان پ پ جيڪا هيترن احتجاجن باوجود به قانون واپس نه ورتو ۽ نه ئي ان ۾ اعتراض جوڳن نقطن جي ترميم ڪئي، سو هاڻ هڪ رستو ته اهو آهي ته صبر کان ڪم وٺجي ۽ پنهنجي حڪمت عملي کي گراس روٽ تائين کڻي وڃي، ماڻهن کي حقيقت کان آگاهه ڪجي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري انهن کان همدريون وٺجن، ان عرصي دوران پ پ جي آندل ساڳئي نظام جون چونڊون به وڙهجن ۽ ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ اچي ساڳئي قانون کي اڪثريت سان رد ڪري نئون قانون آڻجي، جيڪو سنڌ جي مفادن ۾ هجي ته سڀني قومپرستن توڙي مخالف ڌر جي ماڻهن جي پسند وٽان به، پر جيڪڏهن واقعي به اسين ايترو گهڻو انتظار ڪرڻ جو ڪشٽ افورڊ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون ته پوءِ تحريڪ، جيڪا هاڻ ڏينهون ڏينهن ڌيمي ٿيندي پئي وڃي، ان کي وري مضبوط ڪجي، ان سلسلي ۾ 30 نومبر تي جلسو آهي، ڏسجي ته ان کان اڳتي جي حڪمت عملي ڪهڙي ٿي ٺهي؟

Election 2013 and our expectations …By Manesh Kumar

The Nation, hopefully, is looking towards the coming election 2013; it has remained 4, 5 months only.  Constitutional assemblies will complete its five years tenure at March 18. For the free and fair elections, the chief election commissioner, ret justice fukher Aldin. G abhrim has been appointed by the P P P government with consensus of P M L (N) and other opposition parties First time in Pakistan history, government and opposition parties have also pledged to have an impartial caretaker government as well. Credit of fair voter lists goes to Supreme Court.
Most important thing, I would like to say or it is very fortune of all of us Pakistanis, that these peoples elected democratic p p p government in first time of country’s 64 year history, going to complete its tenure … congratulations …!  However the previous Q League government had also completed its tenure, it wasn’t elected, but selected by a dictator Mushraff. However, this government was elected  in the name of late  Benazir Bhutto assassination, had more to do, which could have not fulfill the public’s hopes, in initial promises were made by people elected members and their leadership are not fulfilled.
Election campaign was started from Imarn Khans Lahore jalsa, on October 30, 2012, many of us thought that his high speed tsunami  is going to change not only Pakistan but whole the world, his promises of finishing corruption and dishonesty and others were so pretty but, alas, not sustained, before election he is going to be thing of past. Then P P P, P M L (N), M Q M, Sindhi nationalist and religious parties too, were began to show their strength more than real potential, which are still continued.
P P P  has announced that its very sincere about having free and fair election, in the first progress  chief election commissioner has been appointed with full agreement of different opposition parties, and acting government too, will be unbiased. Leaders of P P P asserted that in their tenure no one would object on any step that they would have taken.  M L (N) has also said in different statements that they except that under the chief election commissionership of ret justice fukher Aldin. G abhrim, 90 elections would be fair. And the other hand they think or say that as for as president Aasif Zardari is sitting is Ewan Sader, they did not think of free and fair election. But know their guns are not only towards the zardari but they seem more anxious of Imarn Khans tsunami, which they might have to face in Punjab.
In the Pakistanis history mostly there has been fight between civil and military to achieve the … military is served Pakistan more than democratic governments, so this is the first time that they are not seemingly, looking toward … or not interested to take any adventure, which may cause the country’s failure, so democratic process scarcely, has started its growth from very low level, that’s why after this elected government, people are not listening any eco of heavy shoes, but next  time too, there will be democratic government.
So, the most interesting topic of discussion at public discourse and in the media as well, is only one; next election, in Sindh province, Peoples party is standing on one side and other parties, nationalist, q league, functional Muslim league and religious groups too, are on other side, they said that p p p, after new local government ordinance, have lost the mandate of the public of sindh, and have not fulfilled the hopes which people wanted, for what they voted, so it is the time, first, that people of sindh are very angry with p p p and do not wants to elect such type of government, which may cause endanger  the existence of  sindh. They are hoping that this time people will vote them .P pp is not looking bother that it might have to face any kind of difficulty, they say people of sindh is well aware of nationalist and other parties, and their leadership, and will support to p p p as before.
The public is also responsible at this time, to elect well-wisher members and people should vote on the performance base not on the bases of emotional attachment, free media can play greater role in this regard, students and other educated people can also do a lot, if they want.