RSS

ملالا اسٽيٽسڪو خلاف بغاوت جو اهڃاڻ ……….منيش ڪمار

15 Oct
ان ڏينهن آئون يونيورسٽي مان موٽي اچي، جيئن ئي فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيان ٿو ته محمد حنيف بي بي سي جي هڪ ڇرڪائيندڙ خبر شيئر ڪري ٿو ته ملالا يوسفزئي دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿي پئي آهي، آئون سڪتي ۾ اچي ٿو وڃان.
ملالا يوسفزئي ان علائقي سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو نالو سوات آهي، صرف سوات جو نالو اسان جي چپن تي ايندي ئي آسان جي تصور ۾ الاءِ ڇا ڇا اچي وڃي ٿو، اهو سوات جتي مڪمل طور تي طالبان جو راڄ آهي، جتي عورتن کي سرعام ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا ۽ ماڻهن جا سر قلم ڪيا وڃن ٿا، جتي حڪومت جي ڪابه رٽ ناهي، صرف هٿيار بردارن جو سڪو هلي ٿو، جيڪي رياست جي برخلاف پنهنجو قانون لاڳو ڪري ويٺل آهن، اهي طالبان جيڪي نياڻين جي تعليم جي خلاف آهي، هن وقت تائين نياڻين جا الاءِ ته ڪيترائي اسڪول تباهه ڪري چڪا آهن. ملالا اهڙي تنگ نظر ماحول ۾ رهي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جاکوڙي رهي هئي، جيڪا ڳالهه هنن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هئي ۽ هنن کيس گولين جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
هونئن ته هن ملڪ ۾ عورتن خلاف ٿيندڙ ويڙهه جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ايوب خان باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح کي شڪست ڏيڻ لاءِ اهڙن ئي ماڻهن کي اڀاريو هو، جن فتوائون جاري ڪيون ته عورت جي حڪمراني ڪنهن به صورت ۾ جائز ڪونهي، انهن کي چوديواري اندر ئي رهڻ گهرجي! نيٺ هن کي هارايو ويو. پوءِ اهي بينظير ڀٽو خلاف ٿي بيٺا پر هو ارڏي هئي، هو انهن جي اڳيان آڻ مڃڻ واري نه هئي، آخر ۾ هو پنهنجي جان جي قرباني ڏئي وئي. ٻئي طرف هو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ رک رکاءَ جي وڌندا رهيا، مذهب جي نالي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ ڪري اسين ماٺ ئي رهياسين.
ان سلسلي ۾، هنن پهرين سيڪيولر اسپيس والاريو، مذهب جي نالي ۾، اسان ڪجهه چوڻ ۽ ڪرڻ کان رهياسين، هاڻ اهو سيڪيولر اسپيس نه هئڻ جي برابر وڃي بچيو آهي. منارٽيز سان به ايئن ئي ڪيو ويو، پر پوءِ به اسان چپ رهياسين، هاڻ هو روشن خيالي ۽ ترقي پسندي جي پويان وڌي چڙهي لڳا آهن، ملالا يوسفزئي تي حملو ان جو واضح مثال آهي.
ڏٺو وڃي ته خاص ڪري تعليم بابت هن ملڪ ۾ طالبان ۽ رياست جي پاليسي ۾ ايترو ڪو خاص فرق ناهي، ٿورو غور ڪري ڏسو، طالبان صرف عورتن جي تعليم ۽ حڪمراني جي خلاف آهن، ته اسان جي حڪومت ۽ اشرافيه اڄ به تعليم کي رياست تي پنهنجي حاڪميت خلاف وڏي ۾ وڏو خطرو سمجهي ٿي. طالبان عورتن جا اسڪول تباهه ڪن ٿا، پر حڪمران ته ان ۾ به اهڙي قسم جي متڀيد ۽ تفريق نٿا رکن، ان ڪري ڇوڪرا هجن يا ڇوڪريون، سڀني جا اسڪول مينهن جي واڙن ۾ تبديل ڪري رهيا آهن يا اوطاقون بڻائي رهيا آهن يا وري ماسترن کي، جيڪي اڳ ئي تمام گهٽ آهن، هڪ يا ٻه سئو شاگردن لاءِ هڪ يا ٻه استاد مقرر ٿيل آهن، انهن کي ويزا تي اماڻي ڇڏين ٿا، يا وري تعليم جي شعبي ۾ وسيلن جي انتهائي کوٽ پيدا ڪري، اسان وٽ پاڪستان ۾ تعليم لاءِ بجيٽ جو صرف 2 سيڪڙو حصو به نٿو رکيو وڃي، جيڪو بنهه گهٽ آهي، اهي ته پنهنجي حصي جو ڪردار ڀرپور طريقي سان بخوبي نڀائيندا اچن، ان ميدان ۾ پوئتي ڪٿي آهن؟ وڏي عرصي کان منظم طريقي سان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، نتيجي ۾ ڇا ملي رهيو آهي، نوجوان آهن جيڪي تعليم جي ميدان ۾ جديد تقاضائن تي پورو لهڻ کان قاصر آهن، ان ڪري کين اڪثر هنڌن تان ناڪامي نصيب ٿيندي آهي. هڪ ريسرچ مطابق اسان وٽ ٻارڙن جي آبادي جو اڌ حصو مشڪل سان اسڪولن تائين پهچي ٿو، صرف ڇوٿون حصو ثانوي تعليم پرائي ٿو، جڏهن ته يونيورسٽين تائين پهچندڙ نوجوانن جو انگ صرف 5 سيڪڙو آهي، انهن جي ئي ته مهرباني آهي.
اسٽيفن. پي ڪوهن پنهنجي “ڪتاب پاڪستان جو مستقبل” ۾ لکي ٿو ته پاڪستان مان اڪثر ماڻهو ٻاهر ملڪن ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ اتي ئي رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، صرف ٿورڙي انگ ۾ جيڪي موٽي اچن ٿا ته انهن کي اهو ماحول نٿو ملي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي واپس هليا ويندا آهن. هن موجب ته نامياري اسڪالر حامد قزلباش جو چوڻ هو ته “پاڪستان ۾ اسڪالرز لاءِ صرف هڪ ئي پيغام هوندو آهي، ته توهان جو ڪم هتي اهم ناهي” ۽ وڌيڪ ته موجوده پاڪستان برصغير جو اهو حصو هو جتي تعليم جو ڪو به رواج نه هو، اتان اسڪالز بدران سٺا سپاهي ۽ سٺا واپاري پيدا ٿيندا هئا، ڏٺو وڃي ته اڄ تائين اهو سلسلو جيئن جو تيئن برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته اسين انڊسٽريل نه پر جاگيرادراڻي سماج ۾ رهون ٿا، جتي تعليم جي ڪابه ضرورت ناهي هوندي، اتي تعيلم يافته ذهن نه پر صحتمند جسم گهرجن!
ڪرڻ لاءِ پنجهٺ سالن جو عرصو تمام وڏو هوندو آهي، ان وچ ۾تعليم لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي پئي سگهيو، پر اسان کي ته اڃا ڪشمير جو مسئلو به حل ڪرڻو آهي، افغانستان جو بار به اسان جي ئي هيڻن ڪلهن تي آهي، آمريڪا سان 12 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جاکوڙي رهيا آهيون، ٻيا به کوڙ سارا اندريان ۽ ٻاهريان مسئلا آهن انهن لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻو اسان کي ئي آهي، هڪ ڊگهي لسٽ آهي، ڪيتريون ذميواريون آهن، ايتري ڪٿان آئي فرصت جو حڪومت پئي ڳوليندي وتي ته ڪٿي ڪٿي اسڪول بند پيل آهن! يا گهر گهر وڃي انهن استادن کي وٺي اچي ته هلو هلي ٻار پڙهايو! ڇا اهو گهٽ آهي ته قيام پاڪستان وقت صرف هڪ يونيورسٽي هئي، 600 شاگرد پڙهندا هئا، هاڻي الله جي فضل سان 143 يونيورسٽيون آهن جتي 10 لک نوجوان تعيلم جهڙي زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن؟ ڇڏيو بس، رهڻ ڏيو، اسان جي ڳالهين سان ڀلا ڪنهن جو ڇا ٿو بگڙي.
ملالا يوسفزئي اسٽيٽسڪو، غلامي ۽ جهالت خلاف هڪ بغاوت جو اهڃاڻ آهي، هاڻي جڏهن اسان هن کي اون ڪريون ٿا، سندن حملي تي مذمتون ڪري رهيا آهيون، صدر کان وٺي وزيراعظم ۽ آرمي چيف تائين، يا حڪومتي وزير توڙي مشير سڀ جرئت، بهادري ۽ خدمتن تي ساراهه جا ڍڪ ڀري رهيا آهن، پر ڇا واقعي به اسان هن جي سوچ کي به قبول ڪري ورتو آهي، ڇا اسين ملالا ۽ ان جهڙيون انيڪ ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا تعيلم جي توڙي سماجي بهتري لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا، ڇا اسين انهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي جدوجهد ۾ سندن ساٿ ڏينداسين؟ يا محض ان شعر جيان ته:
بري هي محبت، محبت بري هي
ڪهي جا رهي هين، ڪيئي جا رهي هين!
 
Leave a comment

Posted by on October 15, 2012 in Uncategorized

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

 
%d bloggers like this: